پارپتي ٽيڪچند گدواڻي

پارپتي ٽيڪچند، گدواڻي: سنڌ جي هيءَ سماجي ۽ تعليمي خدمتگار نياڻي، 1 جنوري 1906ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. هن جو مشهور گدواڻي خاندان سان واسطو هو، جنهن خاندان انگريزن خلاف آزاديءَ جي جدوجهد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو هو. پارپتي ’ڀاڳناڙي ڪنيا ودياشالا ڪراچيءَ‘ جي هيڊماسترياڻي هئي. هن جي اڻٿڪ ڪوششن سان ڪراچيءَ جي اولڊ ٽائون جي ڪيترن ڪميونٽي هالن ۾ ’چرخا ڪلاس‘ ۽ ’کاڌي ٺاهڻ جا مرڪز‘ قائم ٿيا. هيءَ 1931ع ۽ 1942ع ۾ ترتيبوار هڪ سال ۽ ٽن سالن لاءِ جيل ۾ رهي. پارپتي سنڌ ۾ ٻالڪن جي ٻاريءَ جي بنياد وجھندڙن مان هئي ۽ ان لاءِ هن دادا شيوڪ ڀوڄراج سان گڏجي ڪم ڪيو. هوءَ 1930ع ۾ ٻالڪن ٻاريءَ جي صدر ٿي ۽ 50 سالن تائين ٻارن جي ڀلائيءَ ۽ فلاح بهبود لاءِ جاکوڙ ڪيائين. سندس اڻٿڪ ڪوششن سان ٻالڪن جي ٻاري جون سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاخون قائم ٿيون ۽ ان مقصد لاءِ هن سنڌ جا تمام گھڻا ڳوٺ گھميا ۽ گشت ڪيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.01.01  عيسوي

سنڌ جي هيءَ سماجي ۽ تعليمي خدمتگار نياڻي، 1 جنوري 1906ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گوتم ڇاٻڙيا شڪارپوري
رازي فخرالدين
ستار حسين خان
اسلم فرخي ڊاڪٽر
مهاراج سکرامداس اوجها
راهوحاجي الهداد خان
الرازي
ايم بي انصاري
رجب علي سومرو
محمدعثمان سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون